فقير ميانداد ’سيلاني‘

فقير ميانداد ’سيلاني‘

فقير ميانداد سيلاني

فقير ميانداد ’سيلاني‘: سگهڙ ۽ لطيف جي پارکو فقير ميانداد ’سيلاني‘ ولد دائم خان چانڊئي 1946ع ۾ ڳوٺ وانءُ ڍالو چانڊيو، تعلقي قاضي احمد، ضلعي شھيد بينظير آباد ۾ جنم ورتو. رسمي تعليم فقط هڪ درجو پڙهيو. سندس والد سگهڙ ۽ شاهه لطيف جي شاعري جو وڏو پارکو هو. هي ننڍپڻ کان پنھنجي والد سان گڏ سگهڙن جي ڪچھرين ۾ شريڪ ٿيندو هو، جتي سندس ملاقاتون ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ ٻِيڙي فقير ڪنڀار سميت ٻين عالمن، اديبن ۽ پارکن سان ٿيون. جن جي اثر هيٺ سگهڙائپ ۽ لطيف شناسيءَ ڏانھن مائل ٿي بيت چوڻ شروع ڪيا. هن سنڌ جي ميدانن، جبلن، ريگستانن، درياهن، ڍنڍن ۽ ساحلي علائقن کان علاوه پنجاب، بلوچستان ۽ ايران جي سامونڊي بندرن جو پيرين پنڌ سفر ڪيو. 1978ع کان سفر دوران سنڌ جي ثقافت متعلق کيس جيڪي به ثقافتي شيون مليون، اهي گڏ ڪري هڪ عجائب گهر قائم ڪيو. اهو عجائب گهر قاضي احمد شھر کان 5 ڪلوميٽر اولھه طرف ڏيڙان روڊ تي ڪوٽ فقير ميانداد سيلاني اندر اڄ به موجود آهي. ان عجائب گهر ۾ هر ڌنڌي، پيشي جا پراڻا اوزار، جنگين جا آڳاٽا هٿيار، عورتن جا ڳَھه ڳٺا، آڳاٽي دور جا سِڪا، پئسا پاوليون ۽ ماپ طور، ڪڇ وهٽ جا ماپا، وٽَ، رتي، ماسو، تولو، ٽويو، پاٽيون، ويھون ۽ شاهه لطيف جي بيتن ۾ ڪتب آيل شيون موجود آهن. تصوف، تاريخ، تھذيب، ثقافت ۽ لطيفيات تي مبني ناياب ڪتابن جي هڪ ننڍڙي لائبرري پڻ قائم ڪئي. کيس شاعري سان پڻ ڪافي شوق رهيو. راشد مورائي ۽ ميرل جويي (سنائي) کان متاثر ٿي، هن عشقيه شاعري به ڪئي. سندس شاعريءَ جو هڪ مجموعو ’ڪُڇان سڙن ڪاف‘ ڇپجي چڪو آهي.”سگهڙ لوڪ ادب ويلفيئر ايسوسيئيشن (سلاوا) سنڌ“ جي چيئرمئن طور ان جا هفتيوار، پندرهن روزه ۽ ساليانه پروگرام ڪرائيندو رهي ٿو. فقير ميانداد جا ٻه پُٽ رضوان ۽ ڪامران به راڳي آهن.


لفظ فقير ميانداد سيلانيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو